ٻني سنڌو سيوا سنگهه

ٻني سنڌو سيوا سنگهه ( تنظيم ):ٻني ضلعي ڪڇ ، تعلقي ڀڄ ( هندستان ) جو وڏو علائقو آهي ، جنهن جي ايراضي 2000 چورس ڪلوميٽرن تي پکڙيل آهي . هن جي چوڌاري وارياسو ميدان آهي . هن علائقي جي ڪل آبادي 4000 جي لڳ ڀڳ آهي . هتي ماڻهو پراڻي دور کان رهي رهيا آهن . ” ٻني سنڌو سيوا سنگهه “ علائقي جي ترقي ۽ ڀلائيءَ لاءِ جوڙيل هڪ سماجي تنظيم آهي ، جيڪا ڪلاڌر ديندار متوا ۽ ٻين 14 ڊسمبر 2001ع تي رجسٽرڊ ڪرائي . هن تنظيم جي مقصدن ۾ تعليمي ، سماجي ، معاشي ۽ ثقافتي بهتري ۽ ترقي شامل آهي . هن تنظيم تازو هڪ لائبريري به قائم ڪئي آهي ، جنهن م ڪڇي ، سنڌي ، گجراتي ، اردو ، هندي ۽ ٻين ٻولين جا ڪيترا ڪتاب رکيا ويا آهن . ٻني جي علائقي جي هي پهرين لائبريري آهي ، جنهن ۾ مختلف ٻولين جي ڪتابن جو چڱو ذخيرو موجود آهي . هن تنظيم علائقي ۾ آڊيو ، وڊيو ۽ انفارميشن سينٽر به تعمير ڪرايا آهن ، جتي ماڻهن کي ڄاڻ سان گڏ روزگار وغيره جي حاصلات لاءِ پڻ مدد ملي ٿي . هي تنظيم هر سال علمي ، ادبي ۽ ثقافتي پروگرام منعقد ڪرائيندي آهي . ” ٻني سنڌو سيوا سنگهه “ علائقي ۾ عورتن جي لاءِ هنري مرڪز به قائم ڪيو آهي ، جتي مختلف هنرن جي تربيت ڏني وڃي ٿي . ان کان سواءِ تفريح ۽ راندين کي پڻ هٿي وٺرائي پئي وڃي . ماڻهن جي تفريح لاءِ مختلف ساز هارمونيم ، طلبو ، ڍولڪ ، منجرو ، ڇير ، کنجري ۽ ٻيا به رکيا ويا آهن . ان کان سواءِ مختلف راندين جهڙوڪ: ڪرڪيٽ ، والي بال ، بيڊمنٽن ، لڊو وغيره کي به هٿي وٺرائي پئي وڃي . ٻني ۾ ايندڙ اديبن ، شاعرن ۽ سماج سڌارڪن وغيره جي رهائش لاءِ اوطاق پڻ قائم ڪئي وئي آهي . هن تنظيم جي سهڪار سان علائقي ۾ ايمبولينس سروس به شروع ڪئي وئي آهي ، ان کان سواءِ هي تنظيم سنڌي ۽ ڪڇيءَ جا ڪلاس به هلائي رهي آهي .


لفظ ٻني سنڌو سيوا سنگههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو